اسلام آباد -25 مئي (اي پي پي) پاڪستان پوليو جي خاتمي واري پروگرام گذريل ڏينهن هلندڙ سال جي ٽين پوليو جي خاتمي واري قومي مهم جي باقاعده شروعات ڪئي آهي. نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر ۾ منعقد افتتاحي تقريب ۾ وزيراعظم جي پوليو جي خاتمي بابت فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق پوليو پروگرام جي ڪور گروپ جي ميمبر ۽ عالمي شراڪتدارن جي نمائندن سان شرڪت ڪئي ۽ پنج سال کان گهٽ عمر جي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارا ۽ وٽامن اي جي اضافي خوراڪ به ڏئي مهم جو افتتاح ڪيو. اها مهم ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ پاڪستان حڪومت جي پختي عزم ۽ تسلسل جي جاري ڪوششن جو عملي اظهار آهي. سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي واري قومي مهم جي شروعات (اڄ) سومر کان ٿيندي جنهن دوران پنجن سالن کان گهٽ عمر جي 4 ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا ۽ ويڪسين فراهم ڪئي ويندي. هيءَ مهم پاڪستان ۾ پوليو جي وائرس جي منتقلي کي روڪڻ ۽ 2025ع جي پڄاڻي تائين ان مرض جي مڪمل خاتمي طرف هڪ اهم سنگ ميل آهي. عائشه رضا فاروق 4 لک کان وڌيڪ فرنٽ لائين ورڪرز خاص ڪري 2 لک 25 هزار عورت ويڪسينيٽرز جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ پوليو خاتمي واري قومي مهم ۾ سول ۽ عسڪري ادارن جي سهڪار جي به تعريف ڪئي. هلندڙ سال پاڪستان ۾ پوليو جا 10 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. ان کان علاوه سڄي ملڪ جي چئني صوبن ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي 127 هنڌن تان حاصل ڪيل 272 ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس ڏٺو ويو جنهن سان هلندڙ سال متاثر ضلعن جو مجموعي تعداد 68 ٿي ويو آهي. قومي صحت واري وزارت عوام کي اپيل ڪئي آهي ته پوليو ٽيمن سان ڀرپور سهڪار ڪيو ۽ جيڪڏهن ڪو به ٻار يا نينگري پوليو ڦڙن پيئڻ کان رهجي وڃي ته فوري طور تي صحت تحفظ هيلپ لائين 1166 تي ڪال ڪري يا پوليو واٽس ايپ هيلپ لائين 03467776546 تي پيغام موڪلي سگهجي ٿو.