اسلام آباد -25 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار لاهور ۾ حضرت داتا گنج بخش رحمته الله عليه جي مزار تي حاضري ڀري، دعا ڪئي ۽ نئين سر تعمير جي جاري ڪم جو جائزو ورتو. نائب وزيراعظم آفيس طرفان جاري پريس پڌرائي مطابق سينيٽر محمد اسحاق ڊار لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته منظور ٿيل منصوبن ۽ فني معيارن مطابق سينگار ۽ تعمير جي جاري ڪم کي وقت سر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي.