اسلام آباد – 23 مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته پاڪستان ڀارتي وزيراعظم پاران راجسٿان ۾ عوامي خطاب دوران هنيل بي بنياد، اشتعال انگيز ۽ غيرذميواراڻي الزامن کي واضح لفظن ۾ رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڪوڙ، غلط بيانين ۽ اشتعال انگيز بيانن سان ڀريل انهن جُملن جو واضح مقصد تنگ سياسي فائدي جي لاءِ علائقائي ڇڪتاڻ کي هوا ڏيڻ آهي. ترجمان چيو ته اهڙي طرح جا بيان نه رڳو عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڄاڻي واڻي ڪوشش جي عڪاسي ڪن ٿا پر ذميوار رياستي نظام جي اصولن جي پڻ خلاف ورزي ڪن ٿا. ترجمان چيو ته ڌمڪين جو سهارو وٺڻ ۽ هڪ خودمختيار ملڪ جي خلاف فوجي ڪارروائي تي فخر ڪرڻ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي قائم ڪيل اصولن جي سنگين خلاف ورزي اهي، اهو خطرناڪ رويو علائقائي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائي ٿو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف عالمي جنگ ۾ هڪ مستقل ۽ فعال حصيدار آهي، پاڪستان کي دهشتگردي جي ڪاررواين سان ڳنڍڻ جو ڪو به الزام حقيقت ۾ غلط ۽ واضح طور تي گمراهه ڪندڙ آهي، اهو هڪ حربو آهي جيڪو اڪثر ڀارت پنهنجي اندروني چئلينجن خاص طور تي پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جابراڻي پاليسين تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ استعمال ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارت پاڪستان کي قرباني جو ٻڪرو بڻائي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي پردو وجهڻ چاهي ٿو، ڪشميري عوام جي خراب حالت ۽ خودمختياري جي حق لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد کي جارحاڻي بيان بازي ۽ سياسي ڏُڪار سان لڪائي نه ٿو سگهجي. ترجمان چيو ته پاڪستان ڀارتي قيادت تي زور ڏنو ته اها ذميواري ۽ تحمل جو مظاهرو ڪري، وڌندڙ بيان ۽ جارحاڻو انداز ڇڪتاڻ کي وڌائڻ کانسواءِ ڪو ٻيو مقصد پورو نه ٿو ڪري. هن چيو ته ڀارت کي فرضي بيانيي جو سهارو وٺڻ ۽ چونڊ فائدو کڻڻ جي لاءِ جنگجو ارادن جو سهارو وٺڻ بدران پرامن ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي حل طلب تڪرارن کي حل ڪري پختگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. بيان موجب پاڪستان پرامن گڏيل بقاءَ، علائقائي استحڪام ۽ تعميري مشغوليت جي لاءِ پرعزم آهي. جڏهن ته اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. پاڪستان جي عوام ۽ ان جي هٿياربند فوج ملڪ جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ پوري طرح تيار ۽ اهل آهي. ترجمان واضح ڪيو ته ڪنهن به مهم جوئي يا جارحيت جو پرعزم ۽ متناسب جواب ڏنو ويندو. پاڪستان ماضي ۾ به پنهنجي عزم جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته ٻيهر به ڪندو. عالمي برادري کي ڀارت جي جارحاڻي انداز ۽ نفرت تي ٻڌل بيانيي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺڻ گهرجي جنهن سان علائقائي امن کي خطرو آهي. بيان مجب ڏکڻ ايشيا ۾ استحڪام کي برقرار رکڻ جي لاءِ اهڙي بيان بازي ۽ قدمن جي حوصلا شڪني ضروري آهي، تڪرارن جو ذڪر ڪرڻ سان ڪنهن کي فائدو ناهي ٿيندو ۽ پائيدار امن جو رستو ڳالهه ٻولهه، گڏيل احترام ۽ عالمي قانون جي پاسداري ۾ لڪل آهي. ترجمان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان ۽ مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. شفقت علي خان چيو ته پاڪستان جي خلاف ڀارت جي اشتعال انگيز حملن جي شديد مذمت ڪندي جن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت معصوم شهرين جي شهادت ٿي، وزيراعظم پاڪستان جي بهادر هٿياربند فوج جي ذميواراڻي ڪردار جو ذڪر ڪيو جنهن دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. هن پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو هر قيمت تي دفاع ڪرڻ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي کي هڪطرفي طور تي روڪڻ جي ڪوشش تي پڻ پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ عدم استحڪام جو بنيادي سبب آهي. وچ اوڀر ۾ اڳڀرائي خاص طور تي غزه جي ڳڻتي جوڳي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها غزه جي ماڻهن کي انساني امداد جي مسلسل ۽ وقت سر فراهمي کي يقيني بڻائي. هن ان اميد جو پڻ اظهار ڪيو ته ايندڙ مهيني ٻه رياستي حل تي ٿيندڙ گڏيل قومن جي ڪانفرنس جا بامعنيٰ نتيجا نڪرندا. ترجمان چيو ته چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي جي دعوت تي نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار 19 کان 21 مئي تائين بيجنگ جو سرڪاري دورو ڪيو. دوري دوران نائب وزيراعظم چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي ۽ عالمي اداري جي وزير ليو جيان چائو سان ڏکڻ ايشيا جي اڀرندڙ علائقائي صورتحال ۽ امن ۽ استحڪام تي ان جي اثرن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڀارتي ميڊيا ۾ گردش ڪندڙ انهن بي بنياد الزامن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو جن ۾ اها ڪوڙي دعويٰ ڪئي وئي آهي ته پاڪستان آپريشن بُنيانِ مرصوص دوران شاهين ميزائيل جو استعمال ڪيو. هن چيو ته اها دعويٰ ڀارتي فوج جي آفيشل ٽوئيٽر هينڊل پاران هڪ وڊيو جاري ڪرڻ کانپوءِ شروع ٿي جنهن ۾ مبينا طور تي پاڪستان جي شاهين ميزائيل جو استعمال ڏيکاريو ويو آهي. ترجمان چيو ته غيرتصديق ٿيل ۽ اشتعال انگيز مواد کي ڦهلائڻ نه رڳو علائقائي استحڪام کي نقصان پهچائي ٿو پر اهو سرڪاري ادارن جي پيشيواراڻي مهارت کي به بري طرح ظاهر ڪري ٿو. ترجمان واضح طور تي انهن الزامن کي رد ڪيو ته پاڪستان گولڊن ٽيمپل کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا سک عقيدي ۾ سڀ کان وڌيڪ قابل احترام جڳهه آهي. هن چيو ته اسان سمورين عبادتگاهن جو احترام ڪريون ٿا ۽ گولڊن ٽيمپل جهڙي مقدس جڳهه کي نشانو بڻائڻ بابت سوچي به نه ٿا سگهون. ترجمان چيو ته حقيقت ۾ اهو ڀارت ئي هو جنهن 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات پاڪستان ۾ مختلف عبادتگاهن کي نشانو بڻايو، ڀارت پاران هنيل الزام ان ناقابل قبول فعل تان ڌيان نه ٿا هٽائي سگهن. هن چيو ته پاڪستان سک مذهب جي ڪيترين ئي مقدس جاين جو قابل فخر محافظ آهي، پاڪستان هر سال سڄي دنيا مان هزارين سک ياترين جي آجيان ڪري ٿو، پاڪستان ڪرتارپور لنگهه جي ذريعي گورڌواره ڪرتارپور صاحب تائين ويزا فري پهچ پڻ فراهم ڪري ٿو، ان پس منظر ۾ گولڊن ٽيمپل کي نشانو بڻائڻ جي پاڪستان جي ڪوشش بابت ڪا به دعويٰ بلڪل بي بنياد ۽ غلط آهي. هن چيو ته پاڪستان غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ فلسطينين جي شهادت سان گڏوگڏ وڏي پئماني تي انخلا، اسپتالن ۽ ٻئي اهم انفراسٽرڪچر کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو ويو آهي. هن چيو ته غزه ۾ اسرائيل جي زميني ڪاررواين ۾ توسيع سان گڏوگڏ غزه کي ڪنٽرول ۾ وٺڻ جو اعلان خطي ۾ امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ جي ڪوششن جي لاءِ هڪ سنگين خطرو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان عالمي برادري کان فلسطينين جي نسل ڪشيءَ جي اسرائيلي مهم کي فوري طور تي بند ڪرڻ ۽ غزه ۾ پائيدار جنگبندي کي يقيني بڻائڻ جي پنهنجي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان فلسطينين کي انهن جي اباڻي سرزمين تان بي گهر ڪرڻ، غيرقانوني اسرائيلي بستين کي وڌائڻ يا والاريل فلسطيني سرزمين جي ڪنهن به حصي کي ضم ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش جي پنهنجي واضح مخالفت جو ورجاءُ ڪري ٿو.