جئه پور _ 23 مئي (اي پي پي ) انڊيا بورڊ آف ڪنٽرول فار ڪرڪيٽ ان انڊيا (بي سي سي آءِ ) جي اهتمام هيٺ انڊين پريميئر ليگ (آئي پي ايل ) جو 18 هون ايڊيشن ڀارت ۾ جاري آهي، جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي مداحن کي انتهائي دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن، ليگ ۾ ڇنڇر ڏينهن وڌيڪ هڪ ميچ کيڏيو ويندو . ليگ جي 66 هين ميچ پنجاب ڪنگز ۽ دهلي ڪيپيٽلز جي ٽيمن وچ ۾ سوائي مان سنگهه اسٽيڊيم، جئه پور ۾ کيڏيو ويندو. پنجاب ڪنگز جي ٽيم جي مشهور بيٽسمين شرياش آئير اڳواڻي ڪندو، جڏهن ته دهلي ڪيپٽلز جي مشهور آل رائونڊر اڪشر پٽيل اڳوڻي ڪندو. آءِ پي ايل جو فائنل ميچ به ڪولڪته ۾ 25 مئي تي شيڊول آهي.