پيرس _ 23 مئي (اي پي پي) فرانس اسرائيلي پرڏيهي وزير جدعون ساعر جي يورپي اختيارين تي لڳايل الزامن کي سختي سان رد ڪندي انهن کي”شرمناڪ ۽ بناجواز“ قرار ڏنو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق فرانس جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته اسرائيل طرفان لڳايل الزام سراسر بي بنياد آهن. اهو بيان ان وقت سامهون آيو جڏهن اسرائيل ڪجهه يورپي ملڪن تي الزام لڳايو ته اهي اسرائيل مخالف مهم هلائي رهيا آهن. اسرائيلي اختيارين واشنگٽن ۾ يهودي ميوزيم ويجهو ٿيل فائرنگ جي واقعي کي ”يهود دشمني تي ٻڌل ڏوهه“ قرار ڏنو آهي. يروشلم ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جدعون ساعر عالمي اڳواڻن کان مطالبو ڪيو ته هو اسرائيل خلاف ”اڳرائي“ بند ڪن. هن ڪيترن ئي يورپي ملڪن ۽ عالمي ادارن جي اڳواڻن تي اسرائيل خلاف نفرت تي ڀڙڪائڻ جو الزام لاڳايو، پر ڪنهن ملڪ يا شخصيت جو نالو ناهي ورتو.