اسلام آباد – 23 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي جبل چاڙهو نائله ڪياني ڪنچن جنگا جابلو چوٽي پار ڪري ورتي، هن اهو ڪارنامو سرانجام ڏئي پهرين عورت جبل چاڙهو هجڻ جو اعزاز ماڻيو آهي. ڪنچن جنگا جابلو چوٽي 8586 ميٽرن جي بلندي تي آهي. ان کان علاوه نائله ڪياني 8000 ميٽرن کان وڌيڪ دنيا جي 14 مان 12 بلند ترين چوٽين کي به سر ڪري پهرين عورت هجڻ جو اعزا ماڻي چڪي آهي. نائله ڪياني ان جدوجهد ۾ انتهائي سخت حالتن سميت زيرو گرمي پد ۽ برفباري جو مقابلو ڪيو. ان ڪاميابي نائله ڪياني کي عالمي سطح تي 20 عورتن جي هڪ ايليٽ گروپ ۾ شامل ٿيڻ جي ويجهو ڪري ڇڏيو آهي جيڪي 8000 ميٽر بلند سموريون چوٽيون سر ڪري چڪيون آهن. ان ڪاميابي کانپوءِ پنهنجي پهرين بيان ۾ نائله ڪياني چيو ته اهو رڳو هڪ ذاتي سنگ ميل نه پر پاڪستان ۽ ان کان ٻاهر هر نياڻي ۽ عورت لاءِ پيغام آهي. هن هر نياڻي ۽ عورت لاءِ پنهنجي پيغام ۾ چيو ته توهان پنهنجي سوچ کان وڌيڪ مضبوط آهيو.