اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مارخور جو عالمي ڏينهن 24 مئي تي ملهايو پيو وڃي. مارخور پاڪستان جو قومي جانور آهي جيڪو گهڻو ڪري گلگت بلتستان، چترال، وادي ڪيلاش، هنزه ۽ بلوچستان ۾ ڏٺو ويندو آهي. پاڪستان کانسواءِ مارخور افغانستان، ازبڪستان، تاجڪستان، ڀارت ۽ ڪجهه ٻين ملڪن ۾ ڏٺو ويندو آهي. قدرتي وسيلن جي تحفظ جي عالمي اداري (آءِ يو سي اين) موجب مارخور جو ڳاڻيٽو به اهڙن جانورن ۾ ٿئي ٿو جن جي نسل کي ڪيترائي خطرا درپيش آهن. گڏيل قومن پاڪستان سميت ٻين 8 ملڪن جي قرارداد تي هر سال 24 مئي تي اهو ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو. قرارداد موجب ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد مارخور جي تحفظ لاءِ عالمي ۽ علائقائي سطح تي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڇڪرائڻ آهي. مارخور جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سرڪاري ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي اهتمام هيٺ مختلف تقريبن جو بندوبست ڪيو ويندو ۽ آگاهي فراهم ڪئي ويندي.