اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته سائبر ڪرائم ونگ کي ايف آءِ اي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ شڪايتون ملي رهيون آهي، ان ونگ ۾ جلد نيون ڀرتيون ڪيون وينديون . صدر نشين عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ 20 هين گريڊ تائين جا سٺا آءِ ٽي آفيسر ڀرتي ڪيا ويندا ته جئين بهتر ڪم ٿي سگهي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران شگفته جماڻي جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سائبر ڪرائم لاءِ هڪ نئين سائبر انويسٽيگيشن اٿارٽي بڻائي وئي آهي ، ڊي جي سميت 500 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، پيڪا قانون ٺاهيو ويو آهي سڄي دنيا ۾ ان قسم جا قائدا قانون آهن ، اسان وٽ وسيلا گهٽ آهن جڏهن ته درخواستون وڌيڪ اينديون آهن . سائبر ڪرائم لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ، ايف آءِ اي کان وڌيڪ شڪايتون سائبر ڪرائم کي ملي رهيون آهن . صدر نشين چيو ته ان لاءِ سٺي بنيادي پي اسڪيل تي آفيسر ڀرتي ڪيا وڃن.