اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي آف دي گرڊ ڪيپٽو پاور پلانٽس ليوي بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران سيد مصطفيٰ محمود ليوي بل تي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي هن رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن کان پوءِ علي پرويز ملڪ آف دي گرڊ ڪيپٽو پاور پلانٽس ليوي بل 2025ع اسٽينڊنگ ڪميٽي مان منظور ٿيڻ جي صورت ۾ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي هن بل ايوان ۾ پيش ڪيو. بعد ۾ ايوان بل جي شق وار منظوري ڏني.