اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ميڪرو اڪنامڪ سطح تي سڌارن سان گڏوگڏ اداراجاتي سڌارن ۾ تيزي آڻڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي مالياتي اداري جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن جهاد الظهور جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزيرن احد خان چيما، محمد اورنگزيب، ناڻي واري سيڪريٽري امداد الله بوسال، ايف بي آر چيئرمين راشد محمود لنگڙيال ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۾ جاري آءِ ايم ايف جي پروگرام تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ حڪومت جي آءِ ايم ايف پروگرام تي عملدرآمد جي حوالي سان معاشي سڌارن ۽ مثبت نتيجن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان معاشي استحڪام کانپوءِ ترقي طرف گامزن آهي، حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته ميڪرو اڪنامڪ سطح تي سڌارن سان گڏوگڏ اداراجاتي سڌارن ۾ پڻ تيزي آندي وڃي. وفد سڌارن ۽ معاشي استحڪام ۽ ترقي ۾ آءِ ايم ايف پاران تعاون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.