ڪراچي-21 مئي (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي اربع ڏينهن گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ قومي ورثي جي تحفظ، ثقافتي مرڪزن، ميوزيم قائم ڪرڻ ۽ وفاق سان ثقافتي سهڪار وڌائڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. گورنر چيو ته سنڌ جي ثقافت اسان جي قومي سڃاڻپ جو روشن پهلو آهي ۽ ان جي تحفظ لاءِ عملي قدم جاري آهن. هن چيو ته قومي ورثو ماضي جي يادگار ئي نه پر مستقبل جي سڃاڻپ به آهي ۽ گورنر هائوس ۾ قائداعظم جي آفيس ۽ استعمال هيٺ شين کي قومي ورثو سمجهي وڏي عقيدت سان محفوظ ڪيو ويو آهي. گورنر چيو ته گورنر هائوس فقط هڪ عمارت ناهي، پر تاريخ، شعور ۽ عوامي رابطي جو دروازو آهي، جيڪو سڀني لاءِ کُليل آهي.ان موقعي تي وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو ته سنڌ جو تهذيبي ورثو پاڪستان جو قيمتي سرمايو آهي ۽ پاڪستان جي باني جا نظريا، سادگي ۽ اصول پسندي کي اجاڳر ڪرڻ اسان جي نسلن جي رهنمائي لاءِ اڻٽر آهي.