ڪوئٽا -21 مئي (اي پي پي) خضدار جي علائقي زيرو پوائنٽ تي اسڪول بس تي حملي جي دل ڏکوئيندڙ واقعي تي سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته دهشتگردي جي ان بزدلاڻي ڪارروائي جي سخت مذمت ڪيون ٿا، هن چيو ته معصوم ٻارن کي دهشتگردي جو نشانو بڻائڻ هڪ غيرانساني ۽ معافي نه ڏيڻ جهڙو ڏوهه آهي جيڪو ڪنهن به مهذب ۽ انسان دوست معاشري ۾ قبولڻ جوڳو ناهي. هن چيو ته اهڙي درندگي نه رڳو ملڪي امن امان کي تباهه ڪري ٿي پر معصوم ٻارن جي والدين جي دلين تي اهڙا زخم ڇڏي ٿي جيڪي ڪڏهن به نٿا ڀرجي سگهجن. دهشتگرد انسانيت جا دشمن آهن ۽ انهن جو ڪنهن به مذهب، قوم يا نظرئي سان ڪو به تعلق ناهي هوندو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته دهشتگردي جي ناسور کي پاڙان پٽي اڇلڻ لاءِ اثرائتن قدمن جي اشد ضرورت آهي. هن واقعي ۾ شهيد ٿيل ٻارن جي والدين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته پوري قوم ان ڏک جي گهڙي ۾ ساڻن گڏ بيٺل آهي، زخمي ٻارن جي جلد صحيابي لاءِ دعا ڪندي سيدال خان لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ته متاثر خاندانن جي فوري مالي امداد ڪئي وڃي ۽ زخمي ٻارن کي جديد ۽ معياري طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. اهو واقعو هڪ ڀيرو وري ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته دهشتگردي خلاف قومي يڪجهتي ۽ اثرائتا حڪومتي قدم ڪيترو اهم آهن.