اسلام آباد – 20 مئي(اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل ) جو ڏهون ايڊيشن پنهنجي آخري مرحلي طرف گامزن آهي. پي ايس ايل ۾ اربع 21 مئي تي ڪواليفائر ون ميچ کيڏيو ويندو جنهن ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جون ٽيمون قذافي اسٽيڊيم، لاهور ۾ مقابلو ڪنديون. ميچ رات جو 8 وڳي شروع ٿيندي ۽ فلڊ لائٽس جي روشني ۾ کيڏي ويندي . پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي ) جي اهتمام هيٺ پي ايس ايل جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو جاري آهي.