اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) حڪومت انبن جي ايڪسپورٽ جي تاريخ ۾ واڌ ڪري ڇڏي آھي. واپار واري وزارت جاري ڪيل سرڪلر مطابق حڪومت انبن جي ايڪسپورٽ جي تاريخ ۾ واڌ ڪري ڇڏي آھي، واپار واري وزارت ان سلسلي ۾ ھڪ سرڪيولر جاري ڪيو آھي جنھن تحت سڄي ملڪ جا انبن جي ايڪسپورٽ ڪندڙ واپاري 25 مئي کان پرڏيھي ملڪن ۾ انبن جي ايڪسپورٽ شروع ڪري سگھن ٿا. وزارت اھو حڪم نامو ايڪسپورٽ پاليسي آرڊر نمبر 2022ع جي شيڊول 2 تحت جاري ڪيو آھي.