اسلام آباد -20 مئي (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي، ته چين ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش پندرهين ڪاشي- سينٽرل اينڊ سائوٿ ايشيا ڪموڊٽي فيئر ۾ شرڪت لاءِ درخواستون 23 مئي تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي طرفان جاري تفصيلن مطابق نمائش چين ۾ 15 آگسٽ کان 19 آگسٽ تائين جاري رهندي جنهن ۾ ٽيڪسٽائيل، چمڙي، فشريز ۽ زرعي مصنوعات سان سلهاڙيل ماڻهو ۽ ادارا پنهنجون مصنوعات عالمي خريدارن سامهون پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجا ڪاروباري معاملا به طئي ڪري سگهندا. نمائش جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل اٿارٽي جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگهجن ٿا.