تھران – 20 مئي (اي پي پي) ايران اڻ سڌي ريت ايٽمي ڳالھين ۾ آمريڪا جي بدلجندڙ موقف کي ”مذاق“سان تشبيهه ڏيندي چيو آھي ته ھو ھر ڀيري پنھنجو موقف تبديل ڪري ڇڏي ٿو. پرڏيھي ميڊيا مطابق ايران جي پرڏيھي وزارت جي ترجمان اسماعيل بغائي پنھنجي پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته ھر ڀيري جڏھن به اسان آمريڪا کي ڳالھين جو چئون ٿا ۽ محسوس ڪيون ٿا ته اسان اڳڀرائي ڪئي آھي ۽ ھڪ ٻئي جي خيالن کي سمجھڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي ته پوءِ آمريڪا افسوس سان واپس ھليو ويندو آھي ۽ بلڪل مختلف موقف اختيار ڪري ڇڏي ٿو. ھن چيو ته آمريڪي موقف ۾ اھا مسلسل تبديلي يقين کي ڪمزور ڪري ٿي ۽ ڪنھن به ڳالھين واري عمل کي مشڪل بڻائي ڇڏي ٿي. ھن چيو ته اھي قدم ڳالھين جي عمل ۾ ٻئي ڌر جي سنجيدگي بابت شڪ شبها پيدا ڪري رھيا آھن. ھن زور ڀريو ته ايران سفارتي عمل ۾ تسليم ٿيل قائدن جو پابند آھي ۽ آمريڪا جي موقف ۾ تبديلي کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالھين لاءِ مشڪلاتن مان ھڪ قرار ڏنو آھي، آمريڪا جا تبديل ٿيندڙ موقف مذاق بڻجي ويا آھن. پابندين جي حوالي سان ھن چيو ته اھڙي وقت ۾ پابنديون لاڳو ڪرڻ جڏھن آمريڪي ڌر ايران سان سفارتي رستن جي ڳولا جي دعويٰ ڪري ٿو، سنجيدگي ۽ نيڪ نيتي جي واضح گھٽتائي کي ظاھر ڪري رھيو آھي. اھي بيان ايران جي نائب پرڏيھي وزير عباس عراقچي جي نائب مجيد تخت روانجي طرفان ان ڳالھه جي تصديق بعد سامھون آيا آھن ته جيڪڏھن آمريڪا مڪمل طور يورينيم رچاءُ روڪڻ تي زور ڀريو ته ان سان ايٽمي ڳالھيون ناڪام ٿي وينديون. اھا ڳالھه آمريڪي صدر جي خاص نمائندي اسٽيو وٽڪوف طرفان ڪالھه تصديق بعد به سامھون آئي ته واشنگٽن تھران کي پنھنجي يورينيم رچاءُ جي صلاحيت جو ھڪ سيڪڙو به رکڻ جي اجازت نه ڏيندو ۽ وٽڪوف ان کي ھڪ ريڊ لائن قرار ڏنو. وٽڪوف چيو ته ڪو به معاھدو جنھن ۾ يورينيم رچاءُ جي پابندي شامل ناھي ان جي اجازت نه ٿي ڏئي سگھجي ڇو ته يورينيم رچاءُ مان ايٽمي ھٿيار ٺاهڻ ممڪن ٿي ويندو آھي. ھن انڪشاف ڪيو ته ايراني وفد سان نئون اجلاس ايندڙ ھفتي يورپ ۾ ٿيندو. ھن اميد ظاھر ڪئي ته ان جا ھاڪاري نتيجا نڪرندا.