ممبئي -20 مئي (اي پي پي) بورڊ آف ڪنٽرول فار ڪرڪيٽ ان انڊيا جي انتظام هيٺ انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جو 18هون ايڊيشن ڀارت ۾ جاري آهي. جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي شوقينن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. ليگ ۾ اربع 21 مئي تي وڌيڪ هڪ ميچ کيڏيو ويندو. ليگ جي 63هين ميچ ممبئي انڊينز ۽ دهلي ڪيپيٽلز جي ٽيمن وچ ۾ وانکيڙ اسٽيڊيم، ممبئي ۾ کيڏي ويندي. ممبئي انڊينز جي ٽيم کي بهترين آل رائونڊر هاردڪ پانڊيا ليڊ ڪري رهيو آهي، جڏهن ته دهلي ڪيپيٽلز کي بهترين بالر ۽ آل رائونڊر اڪشر پٽيل ليڊ ڪندو. ممبئي انڊينز جي ٽيم 14 پوائنٽن سان پوائنٽ ٽيبل تي چوٿين نمبر تي آهي جڏهن ته دهلي ڪيپيٽلز جي ٽيم 13 پوائنٽسن سان پنجين نمبر تي آهي. ياد رهي ته ليگ جي 18هين ايڊيشن ۾ شامل 10 ٽيمن وچ ۾ فائينل سميت مجموعي طور تي 74 ميچون کيڏيون وينديون.