اسلام آباد-19 مئي (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي عدليه طرفان قانوني چاره جوئيءَ کي سڌارن جي محور ۾ رکڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته وقت سر ۽ اثرائتو انصاف هڪ اخلاقي ذميداري آهي. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي جي جاري ڪيل پڌرائيءَ مطابق چيف جسٽس اهڙن خيالن جو اظهار سپريم ڪورٽ ۾ سومر ڏينهن چوٿين انٽر ايڪٽو سيشن جي صدارت ڪندي ڪيو. سيشن ۾ اعليٰ عملدارن، ڌُرين ۽ سپريم ڪورٽ جي آفيسرن سان عدالتي سڌارن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو، جنهن جو مقصد خدمت جي فراهميءَ کي بهتر بنائڻ ۽ انصاف تائين پهچ کي وڌائڻ آهي. سيشن ۾ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار محمد سليم خان، پيرس مان آن لائن ڊولپمينٽ ماهر شير شاهه، آءِ ٽي ماهر همايون ظفر ، فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي جو ڊي جي حيات علي شاهه ۽ سيڪريٽري لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاسڪتان سيده تنزيله صباحت ۽ سيڪشن جي سربراهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي چيف جسٽس سڌارن کي اڳتي وڌائڻ ۾ سپريم ڪورٽ جي آفيسرن جي ۽ ڌُرين جي اجتماعي ڪوششن کي ساراهيو. هن اِي فائلنگ سسٽم جي ڪامياب لاڳو ڪرڻ جي پويان ٽيمن جي لڳن جي تعريف ڪئي جنهن ڪري سڄي ملڪ ۾ ڪيس مئنجمينٽ جي ڪارڪردگيءَ ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي ڊائريڪٽوريٽ به جديد ڊجيٽل ضم ٿيڻ بابت اپ ڊيٽس فراهم ڪيون جن ۾ ريئل ٽائيم ڪيس ٽريڪننگ لاءِ پبلڪ پورٽلز شامل آهن، جنهن جو مقصد شفافيت ۽ پهچ کي هٿي ڏيڻ آهي. چيف جسٽس ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته جاري قدم جن ۾ عدالتي عمل جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ هموار طريقيڪار نه صرف التوا هيٺ ڪيسن ۾ گهٽتائي پر اثرائتي احتساب ذريعي عوامي اعتماد کي برقرار رکڻ لاءِ ڊزائين ڪيو ويو آهي. سيشن جي پڄاڻي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي جدت، شموليت ۽ سهڪار کي ترجيح ڏيڻ جي عدليه جي عزم جي توثيق سان ٿي.