اسلام آباد-19 مئي (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته پاڪستان بيلاروس کي پنهنجو اسٽريٽجڪ ڀائيوار سمجهي ٿو. بيلاروس هڪ اعتماد جوڳو ساٿي آهي، جيڪو پاڪستان جي صنعتي صلاحيت ۾ اضافي ۽ گڏيل اقتصادي موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو. اهڙو خيالن جو اظهار گذريل ڏينهن هتي پاڪستان ۾ مقرر بيلاروس جي سفير اي ميٽيليسا سان ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ ٻه طرفي واپار ۽ صنعتي سهڪار کي وسعت ڏيڻ، ٽيڪسٽائل سيڪٽر ۾ ڀائيواري، ڪپهه جي فراهمي جي متبادل ذريعن ۽ افرادي سگهه جي ڏي وٺ تي ڳالهيون ٿيون. ملاقات ۾ بلوچستان ۾ بيلاروس جي سهڪار سان هلندڙ صنعتي منصوبي جي بحاليءَ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڄام ڪمال خان چيو ته موجوده حڪومت انفراسٽرڪچر کي ڪتب آڻي فوري نتيجا حاصل ڪرڻ جي پاليسيءَ تي گامزن آهي. هن بيلاروس جي زرعي مشينري ۽ ٽريڪٽر سازي ۾ ڊگهي مُدي واري شراڪت کي ساراهيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن پاران ٽيڪسٽائل جوائنٽ وينچر کي خاص اهميت ڏني وئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي چئلينجز کي نظر ۾ رکندي بيلاروس جي مالي ۽ فني شموليت ان ڀائيواريءَ کي حقيقي شڪل ڏئي سگهي ٿي. ان سلسلي ۾ بيلاروس جي وفد ۽ پاڪستان جي ايڊيشنل سيڪريٽري امڪاني سائيٽ جو دؤرو به ڪيو هو. ملاقات ۾ بيلاروس جي سفير پاڪستان سان ٽيڪنالاجي جي مٽاسٽا، انجنيئرنگ سپورٽ ۽ هنرمند افرادي سگهه جي تربيت لاءِ بيلاروس جي دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. هن ايندڙ واپاري نمائشن، گڏيل فورمز ۽ اداره جاتي رابطن ذريعي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ تي زور ڀريو. وفاقي وزير گڏيل ورڪنگ گروپ جي آن لائن ملاقات جي تجويز جي حمايت ڪئي ۽ چيو ته معاشي معاملن واري ڊويزن ان تي اڳڀرائي ڪري رهي آهي.