اسلام آباد – 19 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ ٻن مختلف ڪاررواين ۾ 3 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيانموجب صدر انٽيليجنس تي ٻڌل ڪاررواين دوران ڀارتي پراڪسي جي 3 دهشتگردن جو خاتمو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيندي چيو ته دهشتگردن جي مڪل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري رهنديون. هن چيو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز جو دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪامياب ڪارروايون ڪرڻ خوش آئنده آهي، دهشتگرد عنصرن جي خاتمي ۽ ملڪي دفاع جي لاءِ اسان جو عزم مضبوط رهندو. صدر دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم جو اظهار پڻ ڪيو.