ڪازان-19 مئي (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ موٽرويز ۽ قومي شاهراهن تي ايئر ايمبولنس سروس متعارف ڪرائڻ لاءِ قدم جاري آهن، اها سروس ان مقصد تحت شروع ڪئي پئي وڃي ته جيئن روڊ حادثن ۾ زخمين کي گهٽ وقت ۾ اسپتال پهچائي سگهجي. وفاقي وزير اهڙو اظهار ڪازان فورم جي پڄاڻي جي موقعي تي ايڪسپو سينٽر جي دوري دوران ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ڪازان جي ترقي جو ماڊل انتهائي متاثر ڪندڙ آهي ۽ پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ ان مان سبق حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن ڪازان ۾ ايئر ايمبولنس سروس جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته اهڙا منصوبا پاڪستان ۾ به اهڙي طرح جي سروس قائم ڪرڻ ۾ معاون ثابت ٿي سگهن ٿا جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل تجربن جي مٽا سٽا ممڪن ٿيندي. هن چيو ته سفر دوران روڊ حادثن ۾ فوتگين جي شرح ڳڻتي جوڳي آهي ۽ حڪومت جي ذميواري آهي ته زخمين کي فوري طور تي ويجهي طبي امداد فراهم ڪئي وڃي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر کي بهتر بنائڻ لاءِ مسلسل قدم کنيا پيا وڃن جڏهن ته عوام ۾ اي ٽيگنگ ۽ ٻين خود ڪار سهولتن بابت آگاهي وڌائڻ جون ڪوششون به جاري آهن. هن ڪازان فورم کي پاڪستان لاءِ فائديمند قرار ڏيندي چيو ته ان فورم ذريعي خاص طور تي شرڪت ڪندڙ ملڪن وچ ۾ تعاون سان مواصلات جي شعبي ۾ ترقي جا نوان رستا کلندا. هن پاڪستان کان وچ ايشيائي ملڪن تائين زميني رابطن کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڀريو ۽ چيو ته ڪازان فورم ۾ ان سلسلي ۾ هاڪاري ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ايڪسپو سينٽر جي دوري دوران وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ پاڪستاني وفد کي ايئر ايمبولنس سروس جي طريقيڪار ۽ ان جي معاون انفراسٽرڪچر بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.