اسلام آباد-19 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان ڊيلائٽ جي اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت انرجي/ڪرٽيڪل مرنلز جي ايم ڊي رچرڊ لانگ اسٽاف ۽ پارٽنر ڊيلائٽ رسڪ اينڊ فنانشل ايڊوائيزري، گورنمينٽ اينڊ پبلڪ سروسز سفيان يوسفي ڪئي. اها ملاقات آءِ ايم ايم/ورلڊ بئنڪ اسپرنگ اجلاس 2025ع جي موقعي تي واشنگٽن ڊي ۾ ٿيل اڳوڻين ڳالهين جو تسلسل هئي، جنهن ۾ اهم معدنيات، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن، نجڪاري ۽ ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ جي فعاليت تي سهڪار جي موقعن تي ڳالهيون ڪيون ويون هيون. ناڻي واري وزير ڊيلائٽ جي وفد کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار ڪيو ۽ ترقياتي ترجيحن جي حوالي سان سندن مسلسل دلچسپي ۽ ڀائيواري کي ساراهيو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت نجي شعبي جي مهارت مان فائدو کڻندي ساختي سڌارن کي تيز ۽ پيداوار ۽ روانگي واپار تي ٻَڌل اقتصادي ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي. ملاقات ۾ سي پي ايف کي اثرائتي انداز ۾ فعال ڪرڻ تي ڳالهيون ٿيون ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته ڊيلائٽ جي فني معاونت ۽ عالمي تجربو پاڪستان جي جاري رٿائن ۾ ڪتب آندو وڃي ته جيئن صحت، ماحول، توانائي، معدنيات ۽ عوامي ۽ نجي ڀائيواريءَ جهڙن شعبن ۾ نتيجو ڏيندڙ، معياري ۽ مربوط منصوبا بندي ڪري سگهجي. وفد ناڻي واري وزير کي پنهنجي ايندڙ اجلاسن بابت آگاهه ڪيو جن ۾ عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ اقتصادي معاملن واري ڊويزن سان ملاقاتون شامل آهن. ناڻي واري وزير تازو ئي عالمي بئنڪ جي صدر سان ٿيل ملاقات جا تفصيل به ٻُڌايا ۽ پاڪستان جي شفاف ۽ ذميواراڻي مالياتي پاليسين تي روشني وڌي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت هن وقت ٻن وڏين قومي ترجيحن تي غور ڪري رهي آهي، ماحولياتي تحفظ ۽ آباديءَ ۾ توازن جن جي معاونت لاءِ وڏي فنڊنگ فراهم ڪئي پئي وڃي، جن ۾ تازو ئي منظور ٿيل 1.3 ارب ڊالرن جو آر ايس ايف پڻ شامل آهي. هن چيو ته ان مرحلي تي پاڪستان کي وڌيڪ فنانسنگ جي نه پر اسان جي ٻه طرفي ۽ گهڻي رُخي ڀائيوارن جي حڪمت عمليءَ تي ٻَڌل فني معاونت ۽ عالمي مهارت جي ضرورت آهي. ملاقات ۾ مستقبل ۾ سهڪار جي ڍانچي ۽ انهن اهم شعبن تي به تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون جتي ڊيلائٽ جي معاونت نتيجو ڏيندڙ ثابت ٿي سگهي ٿي. ڊيلائٽ ٽيم پاڪستان ۾ اُڀرندڙ هاڪاري انگن اکرن کي ساراهيو ۽ پاڪستان حڪومت جي سڌارن واري ۽ ترقياتي ايجنڊا ۾ سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات جي پڄاڻي گڏيل رضامنديءَ سان ان ڳالهه تي ٿي ته ايندڙ هفتن ۾ ويجهو رابطو رکيو ويندو.