اسلام آباد-19 مئي (اي پي پي) ناڻي وزارت گذريل ڏينهن گڏيل عرب امارت جي ٽنهي بئنڪن شارجه اسلامڪ بئنڪ، ابوظهبي اسلامڪ بئنڪ ۽ عجمان بئنڪ سان پاڪستان جي ترقي ۽ مالي هدفن جي حمايت بابت ورچوئل اجلاسن جو بندوبست ڪيو. انهن اجلاسن جي صدارت ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ ۽ دبئي اسلامڪ بئنڪ جي انهن اجلاسن جو بندوبست ڪرڻ ۾ قيمتي ڪردار ادا ڪرڻ ۽ امڪاني ڀائيوارن سان رابطن لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو. هن ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ناڻي وزارت سان مالياتي ۽ ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ سهڪار کي به ساراهيو. پنهنجي ڳالهين ۾ ناڻي واري وزير پاڪستان جي ميڪرو اڪنامڪ استحڪام طرف اڳڀرائي کي اجاگر ڪندي چيو ته اسان هڪ ڊگهو سفر طئي ڪري چڪا آهيون، هلندڙ سال اسان سڄي سال جي جاري کاتن جي فاضل، بنيادي توازن جي فاضل ۽ تقريبن 14 ارب ڊالرن جو ملڪي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي سان مالي سال مڪمل ڪرڻ جي ويجهو آهيون جيڪو ٽن مهينن جي روانگي واپار لاءِ ڪافي آهي. هن وڌيڪ چيو ته مهانگائي 0.3 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي وئي آهي ۽ پاليسي ريٽ ۾ نمايان گهٽتائي آئي جيڪا معيشت لاءِ هڪ هاڪاري اهڃاڻ آهي. ناڻي واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ملڪ ۾ جاري ساختي سڌارا ان جي بحاليءَ جا بنياد آهن ۽ حڪومت ڊگهي مُدي وارن سڌارن لاءِ پُرعزم آهي، جن ۾ سرڪاري ادارن جي نئين سر تنظيم سازي، نجڪاري جو فعال پروگرام ۽ وفاقي حڪومت جي ڍانچي کي اثرائتو بنائڻ شامل آهي. هن چيو ته اسان پُراڻي بُلندي ۽ زوال جي چڪرن مان ٻاهر نڪري چڪا آهيون، موجوده استحڪام مشڪل پر ضروري سڌارن جو نتيجو آهي ۽ اسان ان ئي رستي تي قائم رهنداسين. محصولن جي حوالي سان هن ٻُڌايو ته پاڪستان جون 25ع تائين ٽيڪس ٽو جي ڊي پي تناسب 10.6 سيڪڙو حاصل ڪرڻ جي ويجهو آهي جڏهن ته ايندڙ مالي سال لاءِ هدف 11 سيڪڙو رکيو ويو آهي. حڪومت ايف بي آر جي سڌارن ۽ مڪمل ڊجيٽل نظام متعارف ڪرائڻ کي ترجيح ڏئي رهي آهي ته جيئن ٽيڪس نيٽ ۾ وسعت ۽ بهتر عملدرآمد کي يقيني بنائي سگهجي. هن اهو به ٻُڌايو ته آءِ ايم ايف جي ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسلٽي (اي ايف ايف) پروگرام تحت ٻي قسط جي منظوري ۽ نوان ريزيلينشن اينڊ سسٽين ايبلٽي فنڊ (آر ايس ايف) تحت 1.3 ارب ڊالرن جي منظوري سان جاري اڳڀرائي کي تقويت ملي آهي. پاڪستان آءِ ايم ايف پروگرام جا سمورا مقداري هدف حاصل ڪيا آهن ۽ اسان اهم هدف به مڪمل ڪيا آهن، جن ۾ زرعي آمدني تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ شامل آهي، جيڪو ملڪي مالياتي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگل ميل آهي. ناڻي واري وزير تازن ڏينهن ۾ فچ طرفان پاڪستان جي خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتريءَ کي مارڪيٽ جي اعتماد جو مظهر قرار ڏنو. مستقبل جي حوالي سان ناڻي واري وزير پاڪستان جي پيداواري ۽ روانگي واپار جي بنياد تي ٻَڌل ترقياتي ماڊل طرف منتقليءَ تي زور ڀريو. هن آءِ ٽي جي شعبي ۾ وڌيڪ ترقيءَ جي نشاندهي ڪئي، جنهن جو روانگي واپار مارچ ۾ 3.4 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو ۽ معدنيات جي شعبي ۾ وڌندڙ سرگرميءَ جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته ريڪوڊڪ منصوبي پاڪستان جي معدني وسيلن ۾ دلچسپيءَ کي هٿي ڏني آهي ۽ اسان ٽامي جي ذخيرن کي روانگي واپار ۽ توانائيءَ جي منتقلي لاءِ ڪتب آڻڻ جا خواهشمند آهيون. انٽر ايڪٽو اجلاسن دوران ٽنهي بئنڪن جي سينيئر ايگزيڪيوٽوز پاڪستان جي معاشي حڪمت عمليءَ تي تبصرو ڪيو ۽ اڳڀرائيءَ کي ساراهيو. اجلاس جي پڄاڻي گڏيل دلچسپيءَ سان آئينده ڳالهيون جاري رکڻ ۽ امڪاني سهڪار جا موقعا ڳولڻ جي عزم تي ٿي. ناڻي واري وزير ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان اهڙن معياري واپاري ڀائيوارن جي آجيان ڪري ٿو جيڪي معاشي ترقي، ترقياتي فنانسنگ ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ڪن.