اسلام آباد-19 مئي (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته حڪومتي ڪميٽين ۽ وفدن جي جوڙجڪ هڪ طئي ٿيل پارلياماني روايت تحت ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ هميشه حڪومتي ميمبر شامل هوندا آهن. سينيٽ اجلاس ۾ هن چيو ته اها هڪ روايت يا رواج آهي ته جڏهن به ڪا حڪومتي ڪميٽي يا وفد جوڙيو ويندو آهي ته ان ۾ حڪومت جا ميمبر ئي شامل هوندا آهن، ان طريقيڪار تي ڊگهي عرصي کان عمل ٿيندو پيو اچي. وفاقي وزير قومي معاملن ۾ مخالف ڌر جي هاڪاري ڪردار کي ساراهيندي چيو ته جنگ جي حالت ۾ مخالف ڌر قومي يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو جيڪو تعريف جوڳو ۽ ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته آئينده به اهم قومي معاملن تي مخالف ڌر ۽ حڪومت هڪ ٻئي سان تعاون جو رويو اختيار ڪندا ته جيئن ملڪ کي درپيش چيئلينجز جو اثرائتي انداز ۾ مقابلو ڪري سگهجي.