اسلام آباد-19 مئي (اي پي پي) چين گذريل 11 سالن ۾ پاڪستان ۾ ڪوئلي سان هلندڙ 7 بجلي گهر، 5 نيو انرجي بجلي گهر، 2 هائيڊرو پاور پلانٽس ۽ هڪ ٽرانسميشن لائن جي تعمير ۾ سيڙپڪاري ڪئي آهي. چيني ميڊيا گروپ جي رپورٽ مطابق چيني ڪمپني جي سيڙپڪاري سان هلندڙ مٽياري – لاهور ڊي سي ٽرانسميشن منصوبو پاڪستان جو پهريون هائي وولٽج ڊائريڪٽ ڪرنٽ ٽرانسميشن منصوبو آهي جيڪو پاڪستان جي انفراسٽرڪچر ۾ هڪ انقلابي منصوبو آهي. ان ۾ نه صرف پاڪستان جي اتر ۽ ڏکڻ وچ ۾ بجلي جي ترسيل جي صلاحيت کي وڌايو ويو آهي پر قومي گرڊ اسٽيشن جي استحڪام کي به بهتر ڪيو آهي، سڄي ملڪ ۾ بجلي جي بندش جي واقعن کي گهٽ ڪيو آهي ۽ توانائي جي ترسيل دوران ٿيندڙ نقصان کي به نمايان طور تي گهٽ ڪيو آهي، جنهن پاڪستان جي گرمين ۾ روزانو 12 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ جي مشڪل حالتن کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي.