اسلام آباد-19 مئي (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته مارگله ۽ گولڙه ريلوي اسٽيشنن کي جديد بڻايو ويندو ته جيئن عوام کي بهتر ماحول فراهم ڪري سگهجي. ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي صدارت هيٺ گولڙه ۽ مارگله اسٽيشنن جي تجديد جي حوالي سان اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته اسان جو مقصد عوام کي بهتر ماحول فراهم ڪرڻ آهي. گولڙه ۽ مارگله اسٽيشن تي جديد طرز جا ريسٽورنٽ ٺاهيا ويندا. ريسٽورنٽس جي مينجمنٽ لاءِ آئوٽ سورسنگ ڪئي ويندي، جديد طرز جا اليڪٽرڪ پولز لڳايا ويندا، عوام جي سهولت لاءِ صاف ۽ آرام ده بينچون به فراهم ڪيون وينديون، جتي ماڻهو جڏهن چاهن اچي لطف اندوز ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته ڀرپاسي جي شاگردن لاءِ جديد ڪيفيٽيريا ٺاهيو ويندو. ريلوي اسٽيشنن کي عوام دوست ۽ جديد بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃڻ ۽ جلد ئي انهن اسٽيشنن کي به جديد بنائي عوام کي تحفو ڏنو ويندو.