ڪراچي -18 مئي (اي پي پي) سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ۽ ٻين وفاقي وزيرن ۽ معاشي ٽيم جي ميمبرن سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ۽ متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻن سان گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون. راڻا ثناءُ الله ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سيد نويد قمر ۽ واپاري برادري جي اهم نمائندن سان به ملاقات ڪئي ۽ بجيٽ تجويزن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ملڪ جو بچاءُ مضبوط هٿن ۾ آهي، اهڙي ريت هاڻي اسان کي ملڪ کي معاشي خوشحالي لاءِ اڳتي وڌڻو پوندو. هن چيو ته هاڻي ملڪ معاشي بحران مان نڪري آيو آهي، جنهن سبب وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ معاشي ٽيم ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته بجيٽ ۾ عام ماڻهو لاءِ خوشخبري هوندي. راڻا ثناءُ الله چيو ته وزيراعليٰ هائوس ۽ گورنر هائوس ۾ ملاقاتون لاڀائتيون ٿيون ۽ ايندڙ بجيٽ ۾ انهن جا هاڪاري اثر ظاهرٿيندا. ان کان اڳ سنڌ جي گورنر چيو ته 10 مئي تي پاڪ فوج ڀارت کي موثر جواب ڏئي ثابت ڪيو ته قوم جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي، هاڻي اسان سڀني کي گڏجي ملڪ جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان طئي ڪري ڇڏيو آهي، ته هاڻي ملڪ کي قرضن کان آجو ڪرائنداسين. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار به ڳالهيون ڪيون. ملاقات ۾ وفاقي وزير اويس لغاري، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، علي پرويز، ايم ڪيو ايم اڳواڻ نسرين جليل، فيصل سبزواري ۽ ٻيا موجود هئا.