ويٽي ڪن-18 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي سربراهي ۾ پاڪستان جي پارلياماني وفد عالمي ڪيٿولڪ برادري جي نئين چونڊيل روحاني پيشيوا پوپ ليو جي حلف برداري جي تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. وفد جي ميمبرن ۾ مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي بابت مملڪتي وزير کيئنل داس ڪوهستاني، پنجاب جي اقليتي معاملن وارو وزير رميش سنگهه اورڙه ۽ مصباح کر شامل هُئا. حلف برداري جي تقريب ويٽي ڪن سٽي ۾ ٿي. پوپ ليو رومن ڪيٿولڪ چرچ جو 267 هون سربراهه آهي، هُو سڄي دنيا جي هڪ ارب کان وڌيڪ ڪيٿولڪ جي قيادت ڪندو.