اسلام آباد -18 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عوامي جمهوريه چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي جي دعوت تي 19 مئي سُومر کان 21 مئي تائين بيجنگ جو سرڪاري دورو ڪندو. ڪالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب دوري دوران پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيني پرڏيهي وزير وانگ يي سان ڏکڻ ايشيا جي اڀرندڙ علائقائي صورتحال ۽ امن ۽ استحڪام جي حوالي سان پوندڙ اثرن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو. ٻئي ڌريون پاڪ چين ٻه طرفه لاڳاپن جو جائزو وٺنديون ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون. هي دورو پاڪستان ۽ چين وچ ۾ جاري اعليٰ سطحي مٽاسٽا جو حصو آهي ۽ آل ويڌر اسٽريٽجڪ ڪو آپريٽو پارٽنرشپ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي گڏيل عزم جي به نشاندهي ڪري ٿو.