لاهور -18 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي گوجرانوالا ۾ مرڪز مصطفيٰ جو دورو ڪيو ۽ مرڪز جا مختلف حصا گهمي ڏٺا. گهرو وزير مرڪز مصطفيٰ جي سرپرست اعليٰ مولانا محمد رضا ثاقب مصطفائي سان ملاقات ڪئي. هن دين جي خدمت ۾ مرڪز مصطفيٰ جي مثالي ڪردار کي ساراهيو ۽ مرڪز جي شاگردن مثبت ڪردار جي ساراهه ڪئي. هن چيو ته ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ پاڪستاني قوم ڪنڌن بڻجي نڪتي آهي، طاقتور دشمن کي پاڪستاني قوم لوهي يڪجهتي سان عبرتناڪ شڪست ڏني، عظيم فتح تي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيان ٿو. هن چيو ته الفتح ميزائيلن دشمن تي وڏي دهشت ويهاري ڇڏي ۽ نام نهاد طاقت ٽڪرا ٽڪرا ٿي وئي. گهرو وزير واضح ڪيو ته پوري قوم هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي، دشمن هاڻي ڪو به مس ايڊونچر کان اڳ سئو ڀيرا سوچيندا. جنهن کان پوءِ سرپرست اعليٰ مرڪز مصطفيٰ ملڪ جي سلامتي، استحڪام ۽ ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعا ڪرائي.