اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن جي انتظام هيٺ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ عجائب گهرن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. اهو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد سکڻ، علم حاصل ڪرڻ ۽ ثقافت جي ترقي مان فائدو حاصل ڪرڻ آهي. گڏيل قومن جي ماتحت اداري (يونيسڪو) 18 مئي کي عجائب گهرن جي عالمي ڏينهن طور نامزد ڪيو آهي ته جيئن خوبصورتي، ثقافت ۽ تاريخ جي تحفظ ۾ عجائب گهرن جي ڪردار کي اجاگر ڪري سگهجي. عجائب گهرن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سڄي ملڪ جي سرڪاري ۽ نجي ادارن جي انتظام هيٺ مختلف پروگرامز ۽ ترريبن جو اهتمام ڪيو ويو ته جيئن عام ماڻهو کي عجائب گهرن جي اهميت کان آگاهه ڪرڻ سان گڏو گڏ تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي.