لاهور -18 مئي (اي پي پي) سنڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي، ته پاڪ فوج جنهن جرئت سان ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو اهو تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو، پاڪ فوج جي تاريخي رد عمل کان پوءِ دشمن سفيد جهنڊا ڦڙڪائڻ تي مجبور ٿيو، پاڪستان جو دفاع اڻمٽ آهي، دشمن کي سفارتي محاذ تي به شڪست ڏني وئي. پنهنجي تڪ ۾ حق جي ويڙهه آپريشن بنيان مرصوص جي حوالي سان ڪڍيل شڪراني واري ريلي کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته وطن عزيز جي دفاع لاءِ پاڪ فوج جون قربانيون ۽ عزم قابل تحسين آهن. وفاقي وزير شڪراني واري ريلي ۾ ڀرپور شرڪت تي عوام کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻي ۽ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي شاندار اڳواڻي ۾ ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو. اڄ پوري قوم متحد آهي، سوشل ميڊيا صارفين ۽ ميڊيا جو دل جي گهرائين سان ٿورائتو آهيان جن بيانئي جي جنگ وڙهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف رات ڏينهن پاڪستان جي بچاءَ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو، جنرل عاصم منير جي اڳواڻي ۾ فتح ميزائيل جڏهن فائر ڪيا ويا ته ڀارت ۾ ڀاڄ پئجي وئي، هن چيو ته ڀارت رات جي اونداهي ۾ حملو ڪيو ته ايئر فورس جي شاهينن ڀارت جا 6 جنگي جهاز ڪيرائي ورتا، اسان جي فضائيه ڀرپور طريقي سان دشمن جي حملي کي ناڪام بڻايو ۽ زميني فوج دشمن جا برگيڊ هيڊ ڪوارٽرز اڏائي ڇڏيا، جنهن کان پوءِ دشمن سفيد جهنڊا ڦڙڪائڻ تي مجبور ٿيو. دشمن نه ڄاڻندو هو ته انهن جو ڪهڙي فوج، فضائيه ۽ سامونڊي فوج سان واسطو پيو آهي، وفاقي وزير چيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن جي ڪٽنبن کي سلام پيش ڪيان ٿو، اهي فاني دنيا مان ته هليا ويا پر وطن تي ڪنهن کي به ميري اک رکڻ نه ڏنائون. هن چيو ته هي خوشقسمت قوم آهي، جن جون مائرون پنهنجي ٻارن کي شهادت جي جذبي سان وڏو ڪن ٿيون، جيڪا قوم سر سان ڪفن ٻڌي گهرن مان نڪري ان قوم کي ڪو به شڪست نٿو ڏئي سگهي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي اڳواڻي ۾ نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جيڪي فيصلا ڪيا ۽ پاڪ فوج جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اهو هميشه تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو. هن چيو ته اسان دشمن کان 1971 جو بدلو وٺي ڇڏيو، اسان جي بهادر فوج ۽ سپه سالار بهادري ۽ دليري سان دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽي ۾ ملايو. هن غزوه بدر جو حوالو ڏيندي چيو ته غزوه بدر ۾ مسلمانن جو انگ گهٽ هئڻ باوجود ڪافرن تي مسلمان حاوي رهيا. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جي اڳواڻي ۾ ملڪي دفاع کي يقيني بڻايو ويو، اڄ وزيراعظم جي قيادت کي سلام پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. وزيراعظم رات ڏينهن سفارتڪارن سان ملاقاتون ڪيون ۽ پاڪستان جو ڪيس وڙهيو، هن دنيا کي ٻڌايو ته اسان پهلگام واقعي جي جاچ لاءِ تيار هئاسين پر بدنيت دشمن جاچ کان ڀڄي ويو. هن چيو ته ڀارت جي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو ته ثابت ٿيو ته پاڪ فوج کي ڪو به شڪست نٿو ڏئي سگهي. وفاقي وزير چيو ته نوجوانن سوشل ميڊيا تي جهڙي طرح پاڪستان جو ڪيس وڙهيو ان کي به تاريخ ۾ لکيو ويندو. پورو ملڪ سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا تي ڀارت جي ڪوڙي پروپئگنڊه جو مقابلو ڪري رهيو هو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ اسان انفارميشن وار فيئر ۾ به رات ڏينهن هڪ ڪري ڀارتي پروپئگنڊه جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو. پاڪستان ۾ فتح جو جشن ملهايو پئي ويو ۽ ڀارت ۾ ماتم متل هو، ڀارتي عام پنهنجي حڪمرانن کان سوال ڪري رهيو هو ته ڪوڙي پروپئگنڊه ڇو ڪئي وئي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته ميان نواز شريف جي دور ۾ ڪيل 6 ايٽمي ڌماڪن جي تاريخ ورجائيندي هاڻي وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ دشمن جا 6 جهاز ڪيرايا ويا، جن دشمن جي سمورين دعوائن کي بي نقاب ڪري ڇڏيو ۽ دشمن صرف ملبو ئي کڻندو رهجي ويو. هن چيو ته هن فتح تي اسان وٽ خدا پاڪ آڏو شڪريو ڪرڻ جو موقعو آهي، منهنجي والده به رات ڏينهن اسان لاءِ دعائون ڪيون ۽ تڪ جي عوام جو حوصلو وڌايو. عطاالله تارڙ چيو ته اسان پرامن ماڻهو آهيون، پاڪستان امن جو خواهشمند آهي پر دشمن اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري سمجهيو جنهن جو ڀرپور جواب ڏنو ويو. هن چيو ته هاڻي وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ ڪشمير تي ڳالهيون ٿينديون. هن چيو ته پاڪستان جي دوست ملڪن به ان حوالي سان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، چين به پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو، سعودي عرب، يو اي اي، قطر، ترڪيه، ايران، آذربائيجان ۽ جيترا به ملڪ ڏکئي وقت ۾ گڏ بيٺل رهيا انهن جو شڪريو ادا ڪيون ٿا، هاڻي امن ۽ هن ملڪ جي معاشي ترقي کي اڳيان وڌائڻ جو وقت اهي، جتي اسان عسڪري محاذ تي دشمن کي شڪست ڏني آهي، اتي اڏام پاڪستان تحت معاشي ميدان ۾ به دشمن کي شڪست ڏينداسين.