اسلام آباد-18 مئي (اي پي پي) واپڊا طرفان دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکرن جاري ڪيا آهن. جاري انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد هڪ لک 13 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 37 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 37 هزار 400 ڪيوسڪ، خيبر آباد پل تي پاڻي جي آمد هڪ لک 42 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک 42 هزار ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 40 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 28 هزار ڪيوسڪ، جڏهن ته چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جي آمد 29 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 12 هزار 200 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1466.59 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 1.670 ملين ايڪڙ فوٽ. منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1146.90 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 1.587 ملين ايڪڙ فوٽ، چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 646.00 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 40.17 ملين ايڪڙ فوٽ آهي.