اسلام آباد-17 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات دوران وڏي وزير صدر مملڪت کي بلوچستان جي مجموي انتظامي صورتحال، امن امان جي معاملن ۽ صوبي کي درپيش چئلينجن بابت تفصيلن کان آگاهه ڪيو. بلوچستا جي وڏي وزير صدر کي ٻڌايو ته بلوچستان ۾ گورننس کي بهتر بڻائڻ، عوامي خدمتن جي فراهمي ۽ سيڪيورٽي جي قيام لاءِ قابل حڪمت عملي تحت ٺوس قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن عام ماڻهو جي بهتري لاءِ حڪومتي پاليسين ۽ معاملن کي لاڀائتو بڻائي سگهجي ۽ بهتر سروس ڊليوري ذريعي عوامي مشڪلاتن لاڳيتو گهٽ ٿي سگهن، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ سڌارن جا خاطر خواه نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. هن ان عزم کي ورجايو ته بلوچستان ۾ ترقي ۽ استحڪام لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن. ملاقات ۾ وڏي وزير بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جاري منصوبن ۽ عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ کنيل قدمن تي به روشني وڌي. هن چيو ته صوبائي حڪومت تعليم، صحت، مواصلات ۽ بنيادي ڍانچي سميت سمورن شعبن ۾ سڌارن ۽ سيڙپڪاري لاءِ ڪوشان آهي. صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي وڏي وزير جي ڪوششن کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته موجوده صوبائي حڪومت جي قيادت ۾ بلوچستان هڪ پرعزم، خوشحال ۽ ترقي يافته صوبو بڻجندو.