اسلام آباد-17 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان صنفي ڊجيٽل ويڇن کي گهٽ ڪرڻ ۾ ذڪر جوڳي اڳڀرائي ڪئي آهي جيڪا عالمي سطح تي ٻهراڙي جي عورتن ۾ ٿيل سڀ کان وڏي بهتري آهي، اهي ڪاميابيون پاڪستان جي وسيع ڊجيٽل تبديلي جون عڪاسي آهن، پاڪستان شموليت کي هٿي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڊجيٽل ماحولياتي نظام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي. اهڙو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف ورلڊ ٽيلي ڪميونيڪيشن اينڊ انفارميشن سوسائٽي ڊي 2025ع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عالمي ٽيلي ڪميونيڪيشن اينڊ انفارميشن سوسائٽي جي ڏينهن جي موقعي تي انٽرنيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن يونين (آءِ ٽي يو) جي قيادت کي سڄي دنيا ۾ جامع ۽ برابري واري ڊجيٽل ترقي کي اڳتي وڌائڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته هلندڙ سال جو ٿيم ”ڊجيٽل تبديلي جي معاملن ۾ صنفي مساوات ڇو ضروري آهن؟“ فوري ايڪشن گهري ٿو، ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ فني ترقي جا فائدا معاشري جي سمورن فردن کي هڪجهڙا ملن. هن چيو ته پاڪستان صنفي ڊجيٽل ورڇ کي گهٽ ڪرڻ ۾ ذڪر جوڳي اڳڀرائي ڪئي آهي. 25-2024ع ۾ 80 لک کان وڌيڪ عورتون موبائيل انٽرنيٽ تائين پهچ حاصل ڪئي آهي، جنهن سان صنفي فرق 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 25 سيڪڙو ٿي ويو آهي، جيڪا عالمي سطح تي ٻهراڙي جي عورتن ۾ ٿيل سڀ کان وڏي بهتري آهي، اهي ڪاميابيون پاڪستان جي وسيع ڊجيٽل تبديلي جو حصو آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان 200 ملين ٽيلي ڪام سبسڪرپشنز، 150 ملين برانڊبينڊ صارفين ۽ 2 ملين ايف ٽي ٽي ايڇ ڪنيڪشنز کي عبور ڪيو آهي، جڏهن ته ڊيٽا جي استعمال ۾ 24.25 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. اسان جي موبائيل مينوفيڪچرنگ ۾ 47.46 سيڪڙو واڌ ۽ اعليٰ صلاحيت وارين آبدوز ڪيبلز ذريعي عالمي رابطن ۾ واڌ ٿي آهي، اڄ پاڪستان جو موبائيل ايڪو سسٽم معيشت ۾ 16.7 ارب ڊالرن جو حصيدار آهي. هن چيو ته حڪومت هڪ اهڙي ڊجيٽل ماحولياتي نظام کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي جيڪو شموليت کي هٿي ڏي.وزيراعظم چيو ته ٽارگيٽيڊ پاليسيون، مهارتن کي هٿي ڏيڻ جا پروگرام ۽ صنفي حساس ڊجيٽل انفرا اسٽرڪچر ذريعي اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائي رهيا آهيون ته عورتون ۽ ڇوڪريون اسان جي معاشري جي ڊجيٽل تبديلي ۾ فعال طور حصو وٺي سگهن ۽ ان مان فائدو کڻي سگهن. وزيراعظم ورلڊ ٽيلي ڪميونيڪيشن اينڊ انفارميشن سوسائٽي ڊي 2025ع تي سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان صنفي ڊجيٽل تبديلي کي هٿي ڏيڻ ۽ هڪ جامع ۽ بااختيار ڊجيٽل پاڪستان جي تعمير جاري رکڻ جي پڻ اپيل ڪئي.