راولپنڊي-17 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گجرانوالا ڇانوڻي جو دورو ڪيو ۽ حق جي ويڙهه کي ڪاميابي سان سرانجام ڏيڻ ۾ پاڪستان جي فوج جي مثالي طرز عمل ۽ پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيندي ڀارتي اڳرائي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ انهن جي پختي عزم ۽ پختي جرئت جو اعتراف ڪيو آهي. ان موقعي تي گهرو معاملن وارو وفاقي وزير محسن نقوي به ساڻس گڏ هو. آءِ ايس پي آر موجب گجرانوالا ڇانوڻي پهچڻ تي آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، صدر آصف علي زرداري جو آڌرڀاءُ ڪيو. ان موقعي تي منگلا ۽ گجرانوالا جا ڪور ڪمانڊرز به موجود هئا. صدر مملڪت حق جي ويڙهه ڪاميابي سان سرانجام ڏيڻ تي پاڪ فوج جي مثالي طرز عمل ۽ پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيندي ڀارتي اڳرائي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ انهن جي پختي عزم ۽ پختي جرئت جو اعتراف ڪيو. هن مادر وطن جي بچاءَ ۾ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ فوجين ۽ سويلين شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي ان عزم جو ورجايو ڪيو ته سندن قربانيون هڪ مقدس امانت ۽ پائيدار قومي فخر جو ذريعو آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته قوم جي پائيدار جذبي سان ٽمٽار وطن جا پُٽ مادر وطن جي بچاءَ لاءِ پختي عزم سان گڏ بيٺل آهن ۽ غير معمولي بهادري ۽ پيشيوراڻي بصيرت سان دشمن جي ارادن کي ناڪام بڻايو آهي. هن وڌيڪ چيو ته تاريخ گواهه آهي ته ڪهڙي طرح ڪجهه ڪلاڪن اندر پاڪستان جي هٿياربند فوج بي مثال عزم ۽ همٿ سان دشمن جي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ۽ پاڪستان جي طاقت، صلاحيت ۽ قومي اتحاد جو واضح پيغام ڏنو. پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن سان ڳالهين دوران صدر آصف علي زرداري انهن جي مثالي حوصلي، جنگي تيارين ۽ فرضن جي لڳن جي پڻ ساراهه ڪئي. هن آپريشن بنيان المرصوص جي ڪامياب پڄاڻي تي مبارڪون ڏنيون ۽ قوم جي محافظن تي فخر جو اظهار ڪندي ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان جو عوام پنهنجي بهادر جوانن کي قومي وقار ۽ خودمختياري جي حقيقي محافظ طور انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.