LONDON, ENGLAND - JULY 01: Kusal Perera of Sri Lanka catches the ball during the second One Day International between England and Sri Lanka at The Kia Oval on July 01, 2021 in London, England. (Photo by Philip Brown/Popperfoto/Popperfoto via Getty Images)

راولپنڊي -17 مئي (اي پي پي) سريلنڪن وڪيٽ ڪيپر ۽ بيٽسمين ڪوسال پريرا هڪ ڀيرو ٻيهر لاهور قلندرز اسڪواڊ جو حصو بڻجي ويو آهي. لاهور قلندرز آچر 18 مئي تي پشاور زلمي خلاف ميچ کيڏندي. ان کان اڳ شڪيب الحسن ۽ ڀانوڪارجپڪشا به لاهور قلندرز کي جوائن ڪري چڪا آهن. اهي ٻئي رانديگر ٽام ڪرن ۽ ڊيرل مچل جي جاءِ تي اسڪواڊ جو حصو بڻيا آهن، جيڪي انجري سبب ٽورنامينٽ کان ٻاهر ٿي چڪا آهن. ڪوسال پريرا چيو ته لاهور قلندرز جو ٻيهر حصو بڻجڻ مون لاءِ خوشي جي ڳالهه آهي، مون کي هميشه پي ايس ايل ۾ کيڏندي مزو ايندو آهي، پوري ڪوشش ڪندس ته ٽيم جي ڪاميابي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهان.