اسلام آباد-17 مئي (اي پي پي) موسميات کاتي سخت چتاءُ ڏيندي شهرين تي زور ڀريو آهي ته گرمي ۽ ڳاٽي ٽوڙ بيمارين کان بچڻ لاءِ سخت احتياطي قدم کنيا وڃن. هلندڙ هفتي جي پچاڻي تائين گرمي پد 42 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر انجم نذير پنهنجي انٽرويو ۾ شهرين کي محتاط رهڻ جو مشورو ڏنو ته اسلام آباد ۽ ٻين شهرن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. هن خبردار ڪيو ته مٿانهين پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ گرمي پد معمول کان 7 ڊگري تائين وڌي سگهي ٿو. سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان هيٽ ويو جي اثر هيٺ آهن، ڏاکڻين علائقن ۾ گرمي پد روزانو کان 6-4 ڊگري وڌيڪ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. هن چوپائي مال جي مالڪن تي به زور ڀريو آهي ته هو پنهنجي جانورن کي شديد گرمي کان بچائين. هن هلڪي رنگ، ويڪرا سوٽي ڪپڙا پائين ۽ سڌي ريت سج جي روشني کان بچڻ لاءِ ڇٽي، ٽوپي يا اس وارو چشمو استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته هلندڙ گرمي جي لهر دوران سمورن کاتن کي چوڪس رهڻ ۽ ضروري احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.