ڪراچي-16 مئي (اي پي پي)پاڪستان ڪوسٽ گارڊز (پي سي جي) پاران تازو ڀارتي فوج جي جارحيت خلاف تاريخي فتح تي يوم تشڪر ملھايو ويو. پي سي جي، جي ترجمان موجب ڏينھن جي شروعات پي سي جي ھيڊڪوارٽرز جي مسجد ۾ فجر جي نماز بعد قرآن خواني سان ڪئي وئي، جنھن کانپوءِ جھنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب ٿي ۽ قومي ھيروز کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ سندن يادگار تي گل رکيا ويا