روم- 16 مئي (اي پي پي) آمريڪي مشهور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي چوٿين سيڊڊ ڪوڪوگف ۽ اٽلي جي ٽينس رانديگرياڻي جيسمين پاليني پنهنجي ڪاميابين جي تسلسل کي برقرار رکندي اٽالين ۽ اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ عورتن جي سنگلز مقابلن جي فائنل ۾ پهچي وئي، جڏهن ته 22 سالن جي چيني ٽينس رانديگرياڻي زينگ ڪنوين عورتن جي سنگلز مقابلي جي سيمي فائنل رائونڊ ميچ ۾ هارائڻ کان پوءِ ايونٽ کان ٻاهر ٿي وئي. 21 سالن جي آمريڪي ٽينس اسٽار ۽ 2023ع جي يو ايس اوپن چيمپيئن ڪوڪوگف وومين سنگلز سيمي فائنل ميچ ۾ چيني ٽينس رانديگرياڻي زينگ ڪنوين کي شڪست ڏني ۽ فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو. اٽلي ۾ اٽالين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جو دلچسپ مقابلن جو سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ ٽينس جي شوقينن کي تمام دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملندا. آمريڪي ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي چوٿين سيڊڊ ڪوڪوگف شاندار راند جو مظاهرو ڪيو ۽ وومين سنگلز مقابلي جي سيمي فائنل رائونڊ ميچ ۾ 22 سالن جي چيني ٽينس رانديگر زينگ ڪنوين کي 7-6 (7-3)، 4-6 ۽ 7-6 (7-4)تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ جي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو، جتي ڪوڪوگف جو مقابلو اٽلي جي ٽينس رانديگر جيسمين پاليني سان ٿيندو. اٽلي جي ٽينس اسٽار جيسمين پاليني شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ٻئي سيمي فائنل ميچ ۾ آمريڪي مخالف ٽينس رانديگر پيٽن اسٽرنز کي اسٽريٽ سيٽس ۾7-5 ۽ 6-1 تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو.