روم- 16 مئي (اي پي پي) آسٽريلوي سائيڪلسٽ ڪيڊن گرووز گيرو ڊي اٽاليه سائيڪلنگ ريس جو ڇهون مرحلو کٽي ورتو. هي گيرو ڊي اٽاليه ريس ۾ 26 سالن جي ڪيڊن گرووز جي پهرين مرحلي جي فتح آهي. گيرو ڊي اٽاليه جو 108 هون ايڊيشن البانيا ۾ شروع ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ دنيا جا مشهور سائيڪل سوار ٽائيٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. گيرو ڊي اٽاليا سائيڪلنگ ريس جي ڇهين مرحلي ۾، سائيڪل سوارن کي پوٽينزا کان نيپلز تائين جو مفاصلو پورو ڪرڻو هو، جيڪو جبل واري رستي تي 227 ڪلوميٽرن تي ٻڌل هو. 26 سالن جي آسٽريلوي سائيڪلسٽ ڪيڊن گرووز شاندار سائيڪلنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ ڇهين مرحلي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، 227 ڪلوميٽر جو مفاصلو 4 ڪلاڪ، 59 منٽ ۽ 52 سيڪنڊن ۾ طئي ڪيو. 24 سالن جي بيلجيم سائيڪلسٽ ميلان فريٽن ٻئي نمبر تي رهيو، جڏهن ته 21 سالن جي فرانس جي سائيڪلسٽ پال ميگنيئر ٽئين نمبر تي رهيو. ڊينش سائيڪلسٽ ميڊس پيڊرسن ريس ۾ گلابي جرسي برقرار رکي. گيرو ڊي اٽاليا هڪ گرينڊ ٽور سائيڪلنگ اسٽيج ريس آهي جيڪا ٽن هفتن تائين هلندي ۽ ان ۾ دنيا جا مشهور سائيڪل سوار شامل آهن. گيرو ڊي اٽاليا سائيڪلنگ ريس 21 مرحلن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سائيڪل سوار 3,443.3 ڪلوميٽر جو مفاصلو طئي ڪندا. گيرو ڊي اٽاليه سائيڪلنگ ريس ۾ 23 ٽيمون ٽائيٽل حاصل ڪرڻ لاءِ مقابلو ڪري رهيون آهن. گيرو ڊي اٽاليه سائيڪلنگ ريس 23 ڏينهن کان پوءِ پهرين جون تي ختم ٿيندي.