اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي)چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف ڪمبائينڊ ملٽري اپستال (سي ايم ايڇ) راولپنڊي جو دؤرو ڪيو ۽ آپريشن بنيان مرصوص دوران زخمي ٿيل فوجين ۽ شهرين کان طبيعت معلوم ڪئي. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب نيول چيف زخمين سان ملاقات ڪئي ۽ سندن بهادري، اڻٿڪ حوصلي، غير معمولي جرئت ۽ فرض شناسي کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. زخمين سان ڳالهائيندي هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته قوم ۽ هٿياربند متحد ۽ پُرعزم آهن ۽ـ آئينده دشمن جي ڪنهن به اڳرائيءَ جو ڀرپور عزم ۽ پوري شدت سان جواب ڏنو ويندو.