اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي)قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق بابت وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان ناليواري ڪمپني نيسلي جي اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نيسلي جي وفد انڊسٽريءَ کي درپيش مختلف مسئلن سميت ٻارن جي سُڪل کير (انفنٽ ملڪ پائوڊر) تي لاڳو ٽيڪسز جي معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران وفاقي وزير وفد کي خاطري ڪرائي ته حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ته ٻارن جي کير تي لاڳو ٽيڪسز کي گهٽ کان گهٽ ڪيو ُڃي ته جيئن هر شهريءَ کي ان بنيادي ضرورت تائين آسانيءَ سان پهچ ملي. هن چيو ته ٻارن جي کير جو تعلق نئين ڄاول ٻار ۽ گهٽ عمر جي ٻارن جي واڌ ويجهه سان آهي، تنهنڪري ان تي ڪو ٽيڪس نه هئڻ گهرجي يا تمام معمولي ٽيڪس لاڳو هئڻ گهرجي. وفاقي وزير ان موقعي تي ٻين ملڪن جا مثال به پيش ڪيا، جتي ٻارن جي کير تي ڪو ٽيڪس لاڳو نٿو ڪيو وڃي. هن چيو ته برطانيه ۽ آئرلينڊ ۾ انفنٽ ملڪ پائوڊر تي ڪو ويليو ايڊڊ ٽيڪس ناهي. اهڙيءَ طرح آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ به ٻارن جي سُڪي کير کي بنيادي غذائي ضرورت تسليم ڪندي ان کي ٽيڪس کان ڇوٽ قرار ڏنو ويو آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته وزارت ان اهم مسئلي جي حل لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙيندي جنهن ۾ سمورين ڌُرين کي گُهرايو ويندو. ان مشاورتي عمل ذريعي ٻارن جي کير تي ٽيڪس ۾ گهٽتائي جي حوالي سان عمل جوڳين تجويزن تي غور ڪيو ويندو.