اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ وقار مهدي سينيٽ جي ميمبر جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو. سينيٽ چيئرمين کائنس حلف ورتو. وقار مهدي کي تازو ئي سينيٽر تاج حيدر جي لاڏاڻي کانپوءِ خالي ٿيل سيٽ تي سينيٽ جو ميمبر چونڊو ويو هو. تاج حيدر پاڪستان پيپلزپارٽي جو سينئر اڳواڻ ۽ مشهور پارليامينٽرين هو جنهن جي لاڏاڻي کانپوءِ اها سيٽ خالي ٿي هئي. حلف برداري جي موقعي تي ايوان ۾ وقار مهدي کي خوش آمديد چيو ويو جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي ميمبرن سندس ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون. حلف کڻڻ کانپوءِ ايوان کي خطاب ڪندي هن چيو ته هو پارٽي قيادت جي اعتماد تي پورو لهڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندو ۽ پارليامينٽ ۾ عوام جي نمائندگي سهڻي نموني سرانجام ڏيندو. هن پنهنجي خطاب ۾ مرحوم سينيٽر تاج حيدر کي خراجِ عقيدت به پيش ڪيو. سندس چوڻ هو ته سينيٽر تاج حيدر پارليامينٽ ۽ جمهوريت جي استحڪام لاءِ مثالي جدوجهد ڪئي. سندس خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.