جڪارتا-15 مئي (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ جڪارتا انڊونيشيا ۾ رٿيل اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ميمبر ملڪن جي پارلياماني يونين (پي يو آءِ سي) جي 19هين اجلاس کي خطاب ڪندي مسلم اُمت کي درپيش خطرن، ڀارتي اڳرائي، فلسطين ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين، پاڻي معاهدي جي هڪ طرفي معطلي جهڙن اهم مسئلن تي پاڪستان جو واضح مؤقف پيش ڪيو. پاڪستان جي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق جي نمائندگي ڪندي بئريسٽر عقيل ملڪ اجلاس جي صدارت تي انڊونيشين پارليامينٽ جي اسپيڪر پوان مهاراني جو ٿورو مڃيو ۽ پاڪستاني وفد جي ميزبانيءَ تي انڊنيشي حڪومت جو خاص ٿورو مڃيو. خطاب ۾ بئريسٽر عقيل ملڪ 6 کان 10 مئي جي وچ ۾ ڀارت طرفان مبينه فضائي حملن دوران شهري علائقن ۽ عبادتگاهن کي نشانو بنائڻ جي شديد مذمت ڪئي. انهن حملن ۾ 31 بيگناهه شهري شهيد ۽ 3 مسجدون تباهه ٿيون. هن انهن حملن کي خطي ۾ ڇڪتان ۾ خطرناڪ واڌ سان تعبير ڪندي ڀارت طرفان ڪوڙن الزامن ۽ جعلي فالس فليگ آپريشن جي ڪوششن کي رد ڪري ڇڏيو. هن ڀارت طرفان 1960ع جي سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفي طور معطل ڪرڻ کي غير قانوني قرار ڏيندي ان کي پاڪستان لاءِ هڪ وجودي خطرو قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ڀارتي اڳرائيءَ جو جواب تحمل ۽ وقت تي ڏنو. ”آپريشن بنيان مرصوص“ تحت پاڪ فوج 6 ڀارتي ويڙهاڪ جهازن سميت رافيل جهاز کي تباهه ڪيو ۽ ڪيترن ئي اسرائيلي ڊرونز کي تباهه ڪيو. هن چيو ته هي ڪارروائي اسلامي اصولن تحت صرف فوجي هدفن کي نشانو بنائيندي ڪئي وئي، جڏهن ته ڀارت شهري آباديءَ کي نشانو بنايو، جيڪو عالمي قانونن جي سراسر ڀڃڪڙي آهي. هن ترڪي، سعودي عرب، آذربائيجان، ايران، گڏيل عرب امارتن ۽ قطر سميت ڪيترن ئي ملڪن جو ٿورو مڃيو، جن هاڻوڪي ڇڪتاڻ دوران پاڪستان سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. ان کان علاوه چين، آمريڪا، روس، برطانيه، فرانس ۽ يورپي يونين جي هاڪاري ڪردار جو به اعتراف ڪيو جن ڇڪتاڻ جي خاتمي ۾ مدد فراهم ڪئي. هن عالمي برادريءَ کي تنبيهه ڪئي ته خاموشي ۽ بي عملي وڌيڪ اڳرائيءَ کي جنم ڏئي سگهي ٿي.