اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان گڏيل قومن جي اداري يو اين هيبي ٽيٽ جي سينيئر مشير جاويد علي خان ملاقات ڪئي. موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگيءَ مان جاري بيان موجب ملاقات دوران پائيدار شهري ترقي، ان شعبي کي درپيش چئلينجز ۽ ان جي قابل عمل حل تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌُرين شهري ترقيءَ جي عمل کي اثرائتو، ماحولياتي طور تي موزون ۽ ڊگهي مدي واري مقصد سان هم آهنگ بنائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ان موقعي تي قومي شهري ترقياتي حڪمت عملي جي جوڙجڪ تي اتفاق ڪيو ويو ته جيئن پاڪستان ۾ شهري ترقي لاءِ هڪ جامع، مربوط ۽ پائيدار فريم واضح ڪري سگهجي.