ڪراچي-14 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان اسيمبليءَ جي ميمبر علي مدد جتڪ جي قافلي تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب پ پ پ چيئرمين ڪوئيٽه ۾ ٿيل دهشتگرداڻي حملي ۾ علي مدد جتڪ جي محفوظ رهڻ تي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيو ۽ سندس سلامتي لاءِ دُعا ڪئي. هن چيو ته علي مدد جتڪ جي قافلي کي نشانو بنائڻ بزدلاڻو فعل ۽ کُليل دهشتگردي آهي، ان طرح جي بزدلاڻين ڪارروائين سان پ پ پ جا حوصلا خطا نه ٿيندا. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته علي مدد جي قافلي کي نشانو بنائڻ ۾ ملوث دهشتگرد جلد قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو. هن واقعي جي زخمين لاءِ جلد صحتيابيءَ جي دُعا ڪئي.