اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي خودمختياري ۽ قومي سلامتي تي ڪا آنچ اچڻ ڏيڻ نه ڏينداسين، پاڪستان هر قسم جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو، مودي حڪومت پاڪستان جي خلاف جارحيت کي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿي. هن اها ڳالهه سي ايم ايڇ راولپنڊي جي دوري جي موقعي تي ڪئي جتي هن اشتعال انگيز ڀارتي حملن ۾ زخمي ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن ۽ متاثر شهرين جي عيادت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن رضا نقوي، ڪمانڊر 10 ڪور ۽ اسپتال جي انتظاميا پڻ صدر سان گڏ هئي. صدر زخمين سان ملاقات ڪئي ۽ سندن بهادري، قرباني ۽ حب الوطني کي ساراهيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان کي پنهنجي بهادر جوانن جي قربانين تي فخر آهي، پوري قوم پنهنجي سپاهين ۽ شهرين جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي، پاڪستاني قوم دشمن جي جارحيت جو ڄمي مقابلو ڪيو. هن چيو ته ڀارت جو رويو جارحاڻو، شدت پسنداڻو ۽ علائقائي امن جي لاءِ خطرو آهي، هندوتوا نظريي سان پوري خطي جي سلامتي کي شديد خطرا آهن. هن چيو ته مودي حڪومت پاڪستان جي خلاف جارحيت کي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿي، پاڪستان جي خودمختياري ۽ قومي سلامتي تي ڪا آنچ اچڻ نه ڏينداسين. صدر چيو ته پوري قوم ڪنهن به جارحيت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ متحد، پرعزم ۽ هوشيار رهي، پاڪستان هر قسم جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو. صدر اسپتال جي ڊاڪٽرن، طبي عملي، نرسنگ اسٽاف ۽ انتظاميا جا زخمين جي سارسنڀال تي ٿورا مڃيا.