اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق حق جي ويڙهه ۾ شهيد ٿيل پاڪ فوج ۽ پاڪ فضائيه جي 12 جوانن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن حق جي ويڙهه ۾ شهيد ٿيل اسڪوارڊرن ليڊر عثمان يوسف، چيف ٽيڪنيشن اورنگزيب، سينيئر ٽيڪنيشن نجيب، ڪارپورل ٽيڪنيشن فاروق ۽ سينيئر ٽيڪنيشن مبشر، حوالدار محمد نويد، نائيڪ عبدالرحمان، نائيڪ وقار احمد، لانس نائيڪ دلاور خان، لانس نائيڪ اڪرام الله، سپاهي محمد عديل اڪبر ۽ سپاهي نثار کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. هن زخمين جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دُعا ۽ شهيدن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ به دُعا ڪئي.