اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اي شازيه مري چيو آهي ته اسان جي هٿياربند فوج ڀارتي جارحيت تي دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي اسان جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪري ڇڏيو، پاڪستان جون عورتون به ملڪ جي تحفظ لاءِ هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل هونديون. قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي هن چيو ته قوم هڪ دفعو ٻيهر جنهن عزم جو اظهار ڪيو اهو واکاڻ جوڳو آهي ان تي پوري قوم کي مبارڪون ڏيان ٿي. هن ايوان ۾ هر هڪ محب وطن آهي ۽ پاڪستان لاءِ جذبو رکي ٿو. قوم ثابت ڪيو ته ميري اک سان وطن ڏانهن ڏسندڙن کي متحد ٿي جواب ڏنو آهي. هن چيو ته جنگ بندي سٺو قدم آهي، اسان جنگ نٿا چاهيون. پاڪستان عالمي قانونن جي ڪا به خلاف ورزي ناهي ڪئي ۽ سويلين کي نشانو ناهي بڻايو. اسان انهن سڀني ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، آرمڊ فورسز بهترين ڪردار ادا ڪيو آهي. ڀارتي جارحيت تي انهن جي حوصلي، عزم ۽ مهارت کي سلام پيش ڪريون ٿا. پاڪ فوج اسان جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪري ڇڏيو. هن ملڪ جي دفاع لاءِ پاڪستان جون عورتون به ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل هونديون. هن چيو ته اسان پنهنجي دوست ملڪن، گڏيل قومن ۽ آمريڪا جي جنگ بندي لاءِ ڪوششن کي ساراهيون ٿا. شهيد ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو پاڪستان جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻايو. پهلگام واقعي کانپوءِ بنا ثبوت جي ڀارت پاڪستان تي الزام لڳائي ڇڏيو، پوءِ بنا جواز جارحيت ڪئي. ڀارت جي جهازن جي تباهي جو اعتراف پاڻ سندن ميديا به ڪري رهيو آهي، ڀارتي ميڊيا زرد صحافت جو بدترين مثال قائم ڪيو، هاڻي ان کي ڪچرو چيو پيو وڃي، اسان جي ميڊيا ذميواري جو مظاهرو ڪيو.